سُهراب ڪائوسجي

سُهراب ڪائوسجي: سهراب ڪائوسجي هرمسجي ڪڙڪ (Suhrab K. H. Karak)، ڪراچيءَ جو هڪ وڏو واپاري ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميئر ٿي گذريو آهي. سندس والد سر ڪائوسجي هرمسجي به ڪراچيءَ جي شروع وارن واپارين مان هڪ هو. سهراب ڪائوسجيءَ کي ڪراچيءَ جي پارسي ڪميونٽيءَ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. سماجي ڪمن ڪري انگريز سرڪار کيس خان بهادر جو لقب ڏنو هو. هن ڪڙڪ اينڊ ڪو جو بنياد 1891ع ۾ رکيو، جنهن جي آفيس اڄ به کاري در واري علائقي ۾ موجود آهي. سهراب ڪائوسجي 8 مئي 1942ع کان 11 مئي 1943ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو چونڊيل ميئر به رهيو. سهراب ڪائوسجي تقرير جي فن کان چڱيءَ طرح واقف هو. هو انتهائي خوش بيان خطيب طور ميونسپالٽي ۽ واپاري حلقن ۾ مشهور هو. هيءُ ڪيترن ادارن جو باني ميمبر، صدر ۽ سيڪريٽري رهيو هو، جن مان ڪجهه هن ريت آهن. هيءُ فرسٽ ڪلاس اعزازي مئجسٽريٽ، جسٽس آف پيس، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ٽرسٽي، ڪراچي ڪئنٽونمنٽ بورڊ جو بنيادي ميمبر ۽ سينٽ جان ايمبولنس برگيڊ جو ڪيترائي سال سپرينٽنڊنٽ پڻ رهيو. هي پارسي جيمخانا، ڪراچي ڪلب، جهانگير فيروز شاهه هيلٿ ڪلچر انسٽيٽيوٽ، سنڌ هسٽاريڪل ايسوسيئيشن جو صدر ۽ صوبائي ڪمشنر پڻ رهيو آهي. ان کان علاوه ڀارت بئنڪ لميٽڊ ڪراچي برانچ جو ڊائريڪٽر، سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ جو نائب صدر، ڪراچي پارسي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ۽ ڪوئيٽا پارسي رليف جو خزانچي به رهيو. هيءُ پهريون هندستاني هو، جيڪو ڪائونسل آف مئنيجمنٽ آف ايڪس سروس ايسوسيئيشن جو ميمبر چونڊيو ويو، سنڌ صوبائي ڪوآپريٽو بئنڪ، سول اسپتال نرسنگ ايسوسيئيشن، ڪراچي هيلٿ ايسوسيئيشن ۽ ٻين ادارن جو ميمبر ۽ گهڻن ادارن جو بانيڪار پڻ رهيو آهي. هي انهن ادارن جي سار سنڀال ڪرڻ کانسواءِ انهن جي مالي مدد به ڪندو هو. سهراب ڪائوسجي ڪراچيءَ ۾ اسٽيج ڊرامن کي هٿي ڏيڻ لاءِ به ڪوششون ورتيون، جنهن لاءِ هن رائل ٿيئٽر ڪميٽي بمبئيءَ سان ڪراچيءَ ۾ اسٽيج ڊراما ڪرڻ لاءِ ٺاهه ڪيو، جنهن سان گهڻن نوجوانن کي موقعو مليو. سهراب ڪائوسجي ڪڙڪ، ڊرامن جي شروعات 1910ع ۾ ڪئي هئي. هن جي ڏاڏي جي نالي سان هڪ هال ’هرسجي ڪڙڪ هال‘ صدر ۾ رينبو سينٽر جي پويان موجود آهي، سهراب ڪائوسجيءَ ان هال کي ٿيٽر ۾ بدلايو، جنهن ۾ ثقافتي، تعليمي، سماجي پروگرامن کانسواءِ ڊراما به اسٽيج ڪيا ويندا هئا. پنهنجي دؤر جو اهو سهڻو ۽ هر سهولت کان آراسته هال هو. 1956ع ۾ خواجه معين الدين جو مشهور ڊرامو ’مرزا غالب بندر روڊ پر‘ پهريون ڀيرو هتي اسٽيج ڪيو ويو هو. 1980ع تائين هي هال ڪراچيءَ جي هر ثقافتي، تعليمي ۽ سماجي پروگرام جو مرڪز رهيو. هن هال ۾ سنڌي ثقافتي پروگرامن ۾ خاص ڪري لطيف جا ڏهاڙا پڻ ملهايا ويندا هئا. سهراب ڪائوسجي ليکڪ به هو. هن ڪيترا مضمون ۽ ڪتاب، گجراتي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيا آهن. هن جو سفرنامو Through Amanullah’s Afghanistan مشهور آهي. ان کانسواءِ هن جي ٻين لکيل ڪتابن ۾:
1. Karachi That Was The Capital Sindh
2. Who Are The Parsees?
3. Karachi During The British Raj
مشهور آهن، جن جا ڪيترا ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. ان کان سواءِ هن لاءِ اهو مشهور آهي ته هيءُ وائسراءِ هند پاران شملا ۾ ڪرسمس جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ سالياني پروگرام ۾ سنڌ مان ڪُميون به اُماڻيندو هو، جن جو وائسراءِ جي دعوت ۾ سُوپ ٺاهي مهمانن ۾ پيش ڪيو ويندو هو. سهراب ڪائوسجيءَ جو ڪراچيءَ جي پارسي خاندان سان تعلق هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.05.08  عيسوي

سهراب ڪائوسجي 8 مئي 1942ع کان 11 مئي 1943ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو چونڊيل ميئر به رهيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خورشيد حسن شيخ
بولچند ڏيارام
حسينه معين
چاڪر خان جسڪاڻي
خٽڪ خالد خان
اشفاق احمد
امام راشدي
شاهه رخ مرزا ترخان
جتوئي غلام رسول خان
خانبهادر ميان علي بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون